اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف چيو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مستحق ماڻهن جي لاءِ ا??ي جو تحفل ڏنو پيو وڃي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مفت ا??ي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي، مستحق ماڻهن کي فراهم ڪيو ويندڙ ا??ي جي تحفي جي معيار تي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، حڪومت غريب ۽ وچولي طبقي کي ريليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ رمضان المبارڪ دوران مستحق ماڻهن کي ريليف ۽ ا??ي جي تحفي جي فراهمي جي حوالي سان هڪ اهم جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مستحق ماڻهن جي لاءِ ا??ي جو تحفو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مفت ا??ي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم تاڪيد ڪئي ??ه مستحق ماڻهن کي فراهمي ڪيو ويندڙ ا??ي جي تحفي جي معيار تي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت غريب ۽ وچولي طبقي کي ريليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رمضان ۾ سڄي پنجاب جي هڪ ڪروڙ 58 لک خاندانن کي مفت اٽو ورهايو ويندو جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ به رمضان دوران مستحق خاندانن کي ا??ي جو تحفو ڏنو ويندو. مستحق ماڻهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نمبر 8171 تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ايس ايم ايس ڪري ا??ي جي تحفي جي لاءِ پنهنجي اهليت جانچي سگهن ٿا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ 50 رمضان هازارن تان اٽو سستي اگهن تي دستياب هوندو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن نقوي، پنجاب خيبرپختونخواهه، بلوچستان جي چيف سيڪريٽريز ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي.