اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي ڪنوينشن آئين جي ??صاب ۾ شموليت جي ??رارداد جي ??نظوري ڏئي ڇڏي، اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب قرارد??د پيش ڪئي. قرارد??د پيش ڪرڻ کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، ڪميٽي ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن جي ڪري پهريون ڀيرو باقاعده پارليامينٽ مان قرارد??د پيش ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ??صاب ۾ آئين، جمهوري قدرن، روايتن ۽ آئيني نظام کي نصاب شامل ڪيو پيو وڃي، هي تاريخي ڏينهن ان لاءِ به آهي ته تاريخ جو رخ صحيح ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، حقيقي تاريخ پاڪستان جي عوام کان لڪايل اسان ان کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق ينگ پارليامينٽري ايسوسيئيٽس جو سفر شروع ڪيو هو اڄ ان جو تاريخي رخ مڪمل ٿي رهيو آهي، پهريون ڀيرو ينگ پارليامينٽري ايسوسيئيٽيس 250 تائين پهچي چڪي آهي، اسڪول ۽ يونيورسٽي جا ٻار پارليامينٽ ۾ انٽرنشپ ڪن ٿا. قرارد??د پيش ڪندي اطلاعات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب چيو ته هي ڪنوينشن متفقه طور تي عزم ڪري ٿو ته آئين ۽ جمهوري شهري تعليم کي صوبائي حڪومتن جي ڪنٽرول هيٺ سمورن اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تربيتي ادارن جي ??صاب ۽ تعليمي سرگرمين جو لازمي حصو بڻايو ويندو. 1973ع جي آيئن ۾ ڏنل بنيادي حقن، پاڪستان ۾ آئيني ۽ جمهوري اڳڀرائي جي غيرجانبداراڻي اظهار سان گڏ صوبن جي اسڪولن/ ڪاليجن/ يوينورسٽين ۾ پڙهايا ويندڙ لاڳاپيل مضمونن جي ??صاب ڪتب (جهڙوڪ پاڪستان اسٽڊيز، هسٽري، يا سوشل اسٽڊيز، اردو، انگريزي يا ڪو ٻيو) ۾ شامل ڪيا ويندا تعليمي ڪئمپسز ۾ غير ۽ هم نصابي سرگرميون پاڪستان ۾ پارلياماني جمهوريت، بنيادي حقن ۽ آئيني نظام بابت موضوعن کي استحقاق ڏينديون. عوامي خدمت جا نشرياتي ادارا ۽ آزاد نجي ??يڊيا پنهنجي عوامي خدمت جي ذميوارين تحت شهرين ۽ رياست جي ??چ ۾ هڪ فعال مع??هد?? طور تي آئين ۽ ان جي ??وزونيت بابت افهام تفهيم وڌائڻ جي ??اءِ مناسب وقت وقف ڪندا. صوبائي حڪومتون آئين جي اهميت بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ان جي تحفظ جي حوصلا افزائي جي ??اءِ پاڪستاني عوام تائين پهچ حاصل ڪنديون. هي ايوان 18 هين آئيني ترميم تحت ان آئيني شق جي حقيقي روح کي برقرار رکڻ جو عزم ڪري ٿو جنهن تحت تعليم جو موضوع صوبن کي ڏنو ويو آهي. ان لاءِ هي ايوان صوبائي حڪومتن تي زور ڏي ٿو ته اهي ضروري ڪارروائي ۽ گهربل ضروري ڪم ڪن. وف??قي حڪومت سمورين صوبائي حڪومتن ۽ وف??قي اڪائين جي حڪومتن تي زور ڏيندي ته اهي ان قرارداد تي عملدرآمد ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته آئين جي اهميت ۽ ان جي ??مايان نقطن جو مطالعو خاص طور تي انساني حقن (ٻارن، عورتن، اقليتن، مناسب عمل ۽ عالمي انساني حقن جي ذميوارين) ۽ اختيارن جي تثليٽ بابت ڪورسز صوبن جي سمورن تعليمي ادارن جي ??صاب ۾ شامل هجن. ڪنوينشن ان قرارداد کي متفقه طور تي منظور ڪري ورتو.