اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) گهرو ويڙهه جي شڪار سوڊان مان پاڪستانين جي محفوظ انخلا جي عمل جي شروعات ٿي وئي. پرڏيهي آفيس موجب 500 پاڪستانين تي ٻڌل پهريون قافلو خرطوم مان نڪري سوڊان جي بندرگاهه ??هچ?? ويو آهي جيڪو سامونڊي رستي ذريعي جده ويندو. جده مان پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين ۽ پاڪ فضائيه جي معاونت سان پاڪستانين کي وطن واپس آندو ويندو. پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ڦاٿل پاڪستانين جي عارضي رهائش ۽ خوراڪ جا انتظام پڻ ڪيا ويا آهن. پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سوڊان ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ هنگامي رابطي جي لاءِ هيلپ لائين پڻ قائم ڪئي وئي آهي. پرڏي??ي وزير جي هدايت تي پاڪستاني سفارتخاني جا عملدار ڦاٿل پاڪستانين سان مسلسل رابطي ۾ آهن. بلاول ڀٽو زرداري لاڳاپيل عملدارن کي سوڊان مان پاڪستانين جي انخلا جي عمل کي فوري طور تي محفوظ طور تي سرانجام ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏي??ي وزير پاڪستانين جي محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرڏي??ي وزارت ۾ ڪرائيسز مئنيجمينٽ سيل کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي سوڊان ۾ ڦاٿل پاڪستانين ج?? حفاظت سان واپسي بابت پرڏي??ي وزارت جي عملدارن پاران روزانو بريفنگ ڏني پئي وڃي. پرڏي??ي وزير سوڊان مان پاڪستانين جي انخلا کي ممڪن بڻائڻ جي آپريشن ۾ حصو وٺندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو ويڙهه جي شڪار سوڊان ۾ سوين پاڪستانين جي انخلا جي معاملي تي پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري عيد جي ڏينهن ۾ متحرڪ رهيو. بلاول ڀٽو زرداري سوڊان مان پاڪستانين ج?? حفاظت سان انخلا ج?? حوالي سان سعودي عرب ۾ پنهنجي هم منصب سان پڻ رابطي ۾ رهيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏي??ي وزير سوڊان مان پاڪستانين ج?? حفاظت سان انخلا ج?? حوالي سان مدد تي ترڪيه ۽ مصر جي حڪومتن جا پڻ ٿورا مڃيا.