اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪارنيٽ ڊي پيسج اسڪيم تحت آندي ويندڙ ۽ غيرقانون?? استعمال هيٺ لگزري گاڏيون فوري ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي ??يو آهي ته اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۽ غفلت ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪارنيٽ ڊي پيسيجز اسڪيم تحت آندي ويندڙ گاڏين جي مقرر مدي ??ان وڌيڪ ۽ غيرقانون?? استعمال جو سخت نوٽيس وٺند?? اسلام آباد ۾ هڪ خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ??يو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ لگزري گاڏين جي داخلا ۽ اخراج جي طريقيڪار تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاق?? گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، واپار وا??ي وفاقي وزير سيد نويد قمر، وزيراعظم جي ناڻي وا??ي خاص معاون طارق باجوه ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اهڙي لگزري گاڏين جي نشاندهي به ڪئي وئي جيڪي ڪارنيٽ ڊي پيسيج جي سهولت تحت پاڪستان ۾ آنديون ويون ۽ طئي ٿيل مدو پورو ٿي وڃڻ جي باوجود ??ستعمال ٿي رهيون آهن جنهن تي وزيراعظم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهڙيون سموريون گاڏيون فوري ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. وزيراعظم پڇيو ته لاڳاپيل کاتن اهڙين گاڏين جي خلاف اڳواٽ ڪارروائي ڇو نه ڪئي. ان ڏس ۾ وزيراعظم هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئي جيڪا ان سموري معاملي جي جاچ جي ذميوارن جو تعين ڪندي. وزيراعظم چيو ته اهي سمورا اهلڪار جيڪ?? اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۾ ملوث ڏٺا ويا يا ان حوالي سان غفلت جي مرتڪب ٿيا ته انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم فيڊرل بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته ڪارنيٽ ڊي پيسيج اسڪيم تحت اهڙيون سموريون گاڏيون جيڪي پنهنجو مدو پورو ڪري چڪيون آهن انهن جي تفصيلي ۽ صحيح ڊيٽا جلد کان جلد گڏ ڪئي وڃي. وزيراعظم پڇيو ته لاڳاپيل ادارن اهڙين گاڏين جي خلاف اڳواٽ ڪارروائي ڇو نه ڪئي؟ وزيراعظم ان معاملي تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ??يو ته ڪارنيٽ ڊي پيسيج تحت اهڙيون گاڏيون جيڪي پنهنجو مدو پورو ڪري چڪيون آهن انهن جي تفصيلي ۽ صحيح ڊيٽا جلد کان جلد گڏ ڪئي وڃي. هن چيو ته اهي سمورا اهلڪار جيڪ?? اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۾ ملوث ڏٺا ويا يا ان حوالي سان غفلت جا مرتڪب ٿيا انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.