راولپنڊي- 17 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير ان ??الهه تي زور ڀريو آهي ته تازو ئي هڪ منظم منصوبابندي تحت پيش آيل المناڪ واقعن جي ٻيهر ڪنهن به قيمت اجازت نه ڏني ويندي، ڪارو ڏينهن (9 مئي) تي قوم جي توهين ڪندڙ سمورن ذميوارن کي هر صورت ۾ ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هو اربع ڏينهن سيالڪوٽ گيري??ن جو دورو جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه سيالڪوٽ گيري??ن جو دورو ڪيو. گيريزن اچڻ تي آرمي چيف شه??دن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ شه??دن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو جن قوم جي فخر، عزت ۽ وقار لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو ته شه??د اسان جي مَٿي جا تاج آهن جن سان آخرت ۾ اعليٰ مقام جو واعدو ڪيو ويو آهي، پاڪستاني ع??ام جي دلين ۾ شه??دن جو عظيم مقام سدائين قائم رهندو. رياست پاڪستان ۽ هٿياربند فوج سمورن شه??دن ۽ سندن خاندانن کي سدائين مٿانهون رکي ٿي ۽ مستقل طور تي انهن جي عظيم قربانين کي انتهائي عزت ۽ وقار جي نگاهه سان ??سون ٿا. آرمي چيف چيو ته ڪنهن کي به شه??دن ۽ انهن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. شه??د هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، سرڪاري اهلڪارن ۽ پاڪستان جي ع??ام لاءِ حوصلي ۽ فخر جو سبب آهن. هن رينڪ رينڊ فائل جي سامهون ان عزم کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايو ته ڪارو ڏينهن 9 مئي تي قوم جي توهين ڪندڙ سمورن ذميوارن کي هر صورت ۾ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. آرمي چيف ماتحت فارميشنز جي محنت، لڳن، بلند حوصلي ۽ پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو. آفيسرن ۽ جوانن سان ??الهين دوران آرمي چيف فوج جي پيشيوراڻي مهارت، اندروني ۽ ٻاهرين چئلينجن سميت پروپيگنڊا ۽ وار فيئر کي منهن ڏيڻ لاءِ هر طرح جي تياري تي ڌيان ??يڻ تي زور ڀريو. آرمي چيف جي آمد تي گوجرانوالا ڪور جي ڪمانڊر سندس آجيان ??ئي.