اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سرٽيفائيڊ ڪوڙو 9 مئي جي سانحي تي عوامي ردعمل تي مظلوم بڻجڻ جو ڪوڙ ٺاهي رهيو آهي، هي اهو ئي شخص آهي جنهن انصاف جي ڳولا ڪندڙ طيبه گل کي ??غوا ڪيو، نيب چيئرمين کي ??ليڪ ميل ڪري سياسي مخالفن کي مو?? جي سزا جي چڪين ۾ رکيو، ٺوس ثبوت کانسواءِ سنگين ??لز??م رڳو عمران خان جهڙو ”ميڊيا پريڊيٽر“ ئي هڻي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ”مرد روبوٽ ناهن هوندا“ چوندڙ ۽ لباس جي ڪري عورتن ?? ننڍي عمر جي ٻارڙين تي حملن جي وڪالت ڪندڙ سرٽيفائيڊ ڪوڙو 9 مئي جي سانحي تي عوامي ردعمل تي مظلوم بڻجڻ جو ڪوڙو ٺاهي رهيو آهي، هي اهو ئي شخص آهي جنهن انصاف جي ڳولا ڪندڙ طيبه گل کي ??غوا ڪيو، وزيراعظم هائوس ۾ قيد ۾ رکيو، ان جي ڏنل ثبوت تي نيب چيئرمين کي ??ليڪ ميل ڪري سياسي مخالفن کي مو?? جي سزا جي چڪين ۾ رکيو. عورت صحافين سان بدتميزي ۽ بدسلوڪي جي انتها ڪئي، انهن بابت چيو ته انهن کي ”مردن ۾ گهرڻ جو شوق آهي.“ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جا اوورسيز پاڪستانين ۽ دنيا کي گمراهه ڪرڻ جا ڪڌا حربا به سائفر ۽ ٻين ڊرامن وانگر فلاپ ٿيندا. هن چيو ته عمران خان پروپئگنڊه ڪرڻ بدران ثبوت پيش ڪري نه ته زبان بند ڪري. عمران خان ثبوت کانسواءِ سنگين ??لز??م هنيا جيڪي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، هي پي ٽي آءِ جي بليڪ ميلنگ ۽ بي حسي جو دور نه آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ٺوس ثبوت کانسواءِ سنگين ??لز??م رڳو عمران خان جهڙو ”ميڊيا پريڊيٽر“ ئي هڻي سگهي ٿو جيڪو روزانو ڪوڙ ڳالهائي ٿو، جعلي وڊيوز ۽ فوٽوز جاري ڪندي پڪڙيو وڃي ٿو.