اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصو??ي ماڻهن جي مالي خودمختياري جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ نوڪرين جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصو??ي ماڻهن جي ڪوٽا کي ان جي اصل روح موجب لاڳو ڪرڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر معذوري جي درجابندي جي فريم ورڪ تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت ۽ پاڪستان حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان جي اٽڪل 12 کان 14 سيڪڙو آبادي ڪنهن ڪنهن قسم جي معذوري جو شڪار آهي، خصو??ي ماڻهن جي خودمختياري جي لاءِ روزگار فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ه?? چيو ته خصو??ي ماڻهن جي ڪوٽا کي ان جي اصل روح موجب لاڳو ڪرڻ گهرجي، بئنڪ، ڪاروباري ادارا ۽ نجي شعبو ??صو??ي ماڻهن کي نوڪريون ڏي. صدر چيو ته خصو??ي ماڻهن کي هنر ۽ معذوري جي نوعيت موجب نوڪريون ڏنيون وڃن، پاڪستان ۾ خصو??ي ماڻهن کي هنر تي ٻڌل تعليم فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ه?? چيو ته خصو??ي ماڻهن کي قابل قدر هنر جي فراهمي جي لاءِ ڌرين جي وچ ۾ ويجهو رابطو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، تربيتي ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن کي خصو??ي ماڻهن جي تربيت لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن، خصو??ي ماڻهن کي مناسب نوڪرين جي فراهمي جي لاءِ نجي شعبي جي ممڪن آجرن سان ملائڻ گهرجي. صدر فوري، آسان ۽ پريشاني کان پاڪ انداز ۾ معذوري سرٽيفڪيٽ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته سرٽيفڪيٽ سان خصو??ي ماڻهن کي مختلف حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي عملدارن پاران خصو??ي ماڻهن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي وزارتن ۾ معذوري ڪوٽا تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، خصو??ي ماڻهن جي ڪوٽا تي سرڪاري شعبي ۾ عمل ڪيو پيو وڃي. صدر چيو ته نجي شعبي ۾ ڪوٽا تي وڌيڪ عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن، خصو??ي ماڻهن کي انهن جي معذوري ۽ آجرن جي ضرورتن موجب هنر فراهم ڪرڻ جي پروگرام تي ڪم ڪيو پيو وڃي.