اسلام آباد -03 جون (اي پي پي)اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ليمڪ هولڊنگ بورڊ جي سربراهه ايبرو اوزدمير جي ترڪيه ۾ ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ تعميراتي انفرااسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبن ۾ دستياب موقعن جي ڳولا باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چي?? ته ان سلسلي ۾ ليمڪ هولڊنگ بورڊ جي سربراهه ايبرو اوزدمير پاڪس??ان ۾ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن سان سڌو سنئون ڳا??هين لاءِ جلدي پاڪس??ان جو دورو ڪندي. اطلاعات واري وزير چي?? ته ان جي دوري جو مقصد پاڪس??ان ۽ ترڪيه وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۾ سهڪار لاءِ گڏيل منصوبن کي حتمي شڪل ڏيڻ آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان ترڪيه ۾ ملاقات دوران ايبرو اوزدمير گلوبل انجنيئرنگ گرلز (جي اي جي) پراجيڪٽ جي حوالي سان تفصيلن جي ڏي وٺ ڪئي. گلوبل انجنيئرنگ گرلز پراجيڪٽ نيڪسٽ جنريشن بابت عورت انجنيئرز، ڇوڪرين ۽ عورتن جي تعل??م، رهنمائي ۽ ڪيريئر جا موقعا فراهم ڪرڻ جو منصوبو آهي. اطلاعات واري وزير چي?? ته پاڪس??ان ۾ هي منصوبو تعل??م، سائنس، ٽيڪنالاجي انجنيئرنگ ۽ رياضي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين کي تجربو فراهم ڪندو ۽ کين پنهنجو مستقبل بهتر بڻائڻ جي قابل بڻائيندو.