اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي وي جي ڊائريڪٽر پروگرام اڪ??ر ملڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن اڪ??ر ملڪ جي گهرڀاتين ۽ ٻارن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي قومي ٽي وي جي لاءِ خدمتن تي اڪ??ر ملڪ مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڪ??ر ملڪ هڪ پروفيشنل، هر ڪنهن سان شفقت ۽ احترام سان ملندڙ شخصيت هئي، هو اداري ۾ پنهنجي پيشيواراڻي اهليت جي اعليٰ معيار جي ڪري سڃاتو ويندو هو، ان جو لاڏاڻو قومي اداري جي لاءِ وڏو نقصان آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الل?? تعاليٰ مرحوم جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فر??ائي ۽ پونئيرن کي صبر ڏي.