اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري يورپي يونين جي پرڏيهي مع??مل?? ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير بليڪ سي گرين انيشي ايٽو (بي اي?? جي آئي) جو مدو ختم ٿيڻ تي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪندي چيو ته ان جي نتيجي ۾ غذائي ناڻي واڌ ۽ غذائي تحف?? بابت چئلينجز پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن تي منفي ??ثر ڇڏيندا، جيڪي اڳ ۾ ئي معاشي دٻاءُ جو شڪار آهن. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ته هن ان موضوع تي پنهنجي يوڪرائني ۽ ترڪ هم منصبن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان قدم کي بحال ڪرڻ جي ڪوششون سمورين ڌرين جي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڳالهه ٻولهه ۽ تعميري مشغوليت جي ذريعي لاڀائتيُون ٿينديون. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي کي درخواست ڪئي ته هو اهڙو حل ڳولڻ ۾ مدد جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري جنهن سان بي اي?? جي آئي جي تجديد ممڪن ٿئي ۽ ان سلسلي ۾ ??ڏي?? ڪوششن ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي ان مع??مل?? ۽ ??ڏي?? دلچسپي جي ٻين مع??مل?? تي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.