اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڏکڻ ايشيا بابت ڊائريڪٽر جنرل جي سطح تي مشاورت جو ٽيون دور بيجنگ ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پا??ان جاري بيان موجب پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (ڏکڻ ايشيا) الياس محمود نظامي پاڪستا??ي وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته چي??ي وفد جي سربراهي ڊائريڪٽر جنرل (ايشيائي مع??ملا) پرڏيهي وزارت ليو جنسونگ ڪئي. ٻنهي ڌرين ڏکڻ ايشيا ۽ وسيع تر خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي مٽاسٽ?? ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل افهام تفهيم ۽ گڏيل خيالن جو اظهار ڪيو ويو. بيجنگ جي دوري دو??ان ڊائريڪٽر جنرل الياس نظامي مع??ون پرڏيهي وزير نونگ رونگ سان پڻ ملاقات ڪئي جتي پاڪ چين لاڳاپن جي مثبت رخ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.