اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان گلگت بلتستان جي گ??رنر سيد مهدي شاهه ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي گ??رنر نگران وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي گ??رنر چيو ته بلوچستان مان نگران وزيراعظم جي چونڊ وفاق کي مضبوط ڪندي. وزيراعظم گلگت بلتستان جي گ??رنر جو نيڪ خواهشن تي ٿورو ادا ڪيو. گلگت بلتستان جي گ??رنر وزيراعظم کي گ??گت بلتستان جي دوري جي دعوت ۽ قانونساز اسيمبلي ۾ خطاب جي دعوت ڏني. گلگت بلتستان جي گ??رنر وزيراعظم کي گ??گت ۾ جاري ترقياتي منصوبن بشمول انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۽ قراقرم يونيورسٽي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ کيس افتتاح جي دعوت پڻ ڏني.