بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ روس جي صد?? ولاديمير پيوٽن ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي تعاون جي ??روغ لاءِ خطي ۾ رابطن جي ??ضبوطي جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ روسي صد?? ولاديمير پيوٽن جي ??چ ۾ ملاقات ٿي. اها ڳالهه چين ۾ منعقد ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي ??وقعي تي ٿي. ملاقات جي ??اءِ اچڻ تي روسي صد?? ولاديمير پيوٽن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي تعاون جي ??روغ لاءِ خطي ۾ رابطن جي ??ضبوطي جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ??عاملن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پا??ستان ۽ روس هڪ جهڙو موقف رکن ٿا، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي ??اءِ پڻ ٻطرفو تعاون اهميت رکي ٿو. هن چيو ته پا??ستان ۽ روس ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل سوچ رکن ٿا، روس سان دهشتگردي جي خاتمي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏ??ڻ چاهيون ٿا، ان حوالي سان تعميري ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته بطور سينيٽر روس جو دورو ڪري چڪو آهيان، ٻئي ملڪ ويجها ثقافتي ۽ اخلاقي قدر رکندڙ آهن. هن چيو ته پا??ستان کي توانائي جي کوٽ درپيش آهي، 24 ڪروڙ جي ??ڳ ڀڳ آبادي وارو هي ملڪ توانائي جي ??ڏي مارڪيٽ آهي، توانائي جي شعبي ۾ روسي سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته مختلف شعبن ۾ روس سان لاڳاپا وڌائڻ جي ??اءِ پرعزم آهيون. روس جي صد?? ولاديمير پيوٽن ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته خطي جي ??عاشي ترقي جي ??اءِ سلامتي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، خطي جي ??عاشي ترقي جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي غذائي تحفظ جي ??اءِ روس قدم کڻي رهيو آهي، روس غريب ترين آفريقي ملڪن کي مفت اناج جي ??راهمي جو منصوبو ٺاهيو آهي. هن چيو ته پا??ستان سان معيشت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏ??ڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.