بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي صدر شي جن پنگ سي پيڪ جي تيز تر تعمي?? جي اه??يت تي زور ڏيندي ان کي ترقي، روزگار، جدت ۽ گرين ڊيولپمينٽ جو لنگهه بڻائڻ جي لاءِ اه?? قرار ڏنو جڏهن ته مختلف سطحن تي اسٽريٽجڪ رابطن ۽ عالمي فورمن تي تعاون جاري رکڻ سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ??يو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي گريٽ هال آف پيپلز ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سمورن معاملن تي اتفاق راءِ ڪيو ??يو. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ جي تيز تر تعمي?? جي اه??يت تي زور ڏيندي ان کي ترقي، روزگار، جدت ۽ گرين ڊيولپمينٽ جو لنگهه بڻائڻ جي لاءِ اه?? قرار ڏنو. هنن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته پاڪستان جي پائيدار ۽ مجموعي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ان سان واڳيل آهي. هنن اتفاق ڪيو ته ٻئي ملڪ مختلف سطحن تي اسٽريٽجڪ رابطن ۽ عالمي فورمن تي تعاون جاري رکندا. نگران وزيراعظم چيني صدر کي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي مستقبل جي حڪمت عملي بابت پيش ڪيل 8 نقطن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري ۽ عالمي سطح تي اڀرندڙ صورتحال جي ڏس ۾ ان جي اسٽريٽجڪ اه??يت کي اجاگر ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ اعليٰ سطحي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ??يندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ۽ چين اعتماد جوڳا حصيدار ۽ بهترين دوست آهن. چين جي اه?? معاملن تي پاڪستان جي غيرمشروط ساٿ جو ورجاءُ ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا خط?? ۾ ??من ۽ استحڪام جو سبب آهن. صدر شي جن پنگ چيو ته پاڪستان چين جو مضبوط ڀاءُ ۽ اعتماد جوڳو دوست ۽ امن ۽ ترق?? ۾ ??صيدار آهي. هن چيو ته چين پاڪستان کي پنهنجي پرڏيهي پاليس?? ۾ ??مام گهڻي اه??يت ڏي ٿو ۽ چين پاڪستان جي پنهنجي سالميت، سرحدن جي تحفظ ۽ ترقي حاصل ڪرڻ ۾ معاونت ڪندو رهندو. ٻنهي اڳواڻن بهتر علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪو ٻنهي ملڪن جو گڏيل ويزن آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان چين سان علائقائي رابطن ۽ پاڪستان جي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندو رهندو. صدر شي جن پنگ پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان موجود اقتصادي صلاحيت ۽ ان کي اڀرندڙ علائقائي واپار جو مرڪز بڻائڻ ۾ تعاون جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.