اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي حقن جي تحفظ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي معاش??ي جي سمورن شعبن ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن ڊيف ويلفي??ر آگاهي فائونڊيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن فائونڊيشن جي صدر شيخ محمد منشا جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻ??ن کي معيشت ۽ معاش??ي جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻو پ??ندو. هن چيو ته ٻڌڻ کان محروم ماڻ??ن کي هنرمند بڻائڻ ۽ تعليم ڏيڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٻڌڻ کان محروم ماڻ??ن کي ڳالهه ٻولهه ۽ تعليم تائين پهچ ۾ آساني فراهم ڪري سگهجي ٿي. صدر چيو ته خصوصي ماڻ??ن کي اعليٰ تعليم جي لاءِ يونيورسٽين ۾ ٽيوشن فيس ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ ڇوٽ ڏني پئي وڃي جڏهن ته نادرا جا خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، خصوصي ماڻهو نادرا جو ??صوصي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ معذو??ي جو سرٽيفڪيٽ ضرور ٺهرائين. صدر چيو ته حڪومت، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻ??ن کي گڏجي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پ??ندو. ملاقات ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ موجود هئي. وفد صدر کي ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي مسئلن ۽ فائونڊيشن جي خدمتن بابت آگاهه ڪيو.