لاهور– 17 نومبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته نگران وفاقي حڪومت فني تعليم جي تريق لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ??سا?? کي پنهنجون سموريون صلاحيتون عوامي ڀلائي لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجن. ملڪ کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ فني تعليم کان سواءِ ??سا?? وٽ ڪا ٻي واٽ ناهي بچي. هو ورچوئل يوني??رس??ي ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيچنگ ٽريننگ ڪميشن (نيوٽڪ) وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ريڪٽر ورچوئل يوني??رس??ي آف پاڪستان پروفيسر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي ۽ ني??ٽڪ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد عامر جان معزز مهمان جي موجودگي ۾ يادداشت تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي وزارت جي عملدارن سميت ورچوئل يوني??رس??ي ۽ ني??ٽڪ انتظاميه شرڪت ڪئي. نگران وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ فني تعليم جي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ??سا?? چاهيون ٿا ته ني??ٽڪ ۽ ورچوئل يوني??رس??ي گڏجي فني تعليم جو دائرو هر ننڍي وڏي وسندي تائين کڻي وڃن.