ابوظهبي – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ سومر ڏينهن گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري ??يا?? موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، ثقافتي، دفاع ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن سميت م??تلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز جي منصوبن، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ، فوڊ سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، کاڻين جي کوٽائي، ايوي ايشن ۽ بئنڪنگ اينڊ فنانس سروسز جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تع??ون سميت م??تلف شعبن ۾ مفاهمت جي يا??اش??ن تي صحيحون پڻ ڪيون وينديون.