راولپنڊي- 15 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير آمريڪا جي دؤري دوران آمريڪا جي حڪومتي ۽ فوجي عملدارن سان ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ ٻه طرفي دلچسپيءَ جي معاملن، عالمي ۽ علائقائي سلامتي ۽ جاري تڪرارن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ ۾ ٻه طرفي سهڪار جي امڪاني موقع?? جي ڳولا لاءِ گڏيل رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان مطابق آمريڪا جي دؤري دوران آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن، دفاع واري سيڪريٽري جنرل لائيڊ جي آسٽن، نائب آمريڪي پرڏيهي وزير وڪٽوريه نولينڊ، نائب قومي سلامتي جي صلاحڪار جوناٿن فائز ۽ آمريڪي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل چارلس ڪيوبران سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي واري شعبي ۾ سهڪار ?? دفاعي سهڪار کي گڏيل تعاون جو بنياد قرار ڏنو ويو. ٻنهي ڌُرين ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۽ گڏيل فائديمند رابط?? جي دائري کي وڌائڻ وارا طريقا ڳولڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آرمي چيف علائقائي سلامتي جي مسئلن ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام کي متاثر ڪندڙ اڳڀرائيءَ تي هڪ ٻئي جي نقطه نظر کي سمجهڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ان کي نظر ۾ رکندي آرمي چيف ڪشمير مسئلي کي عالمي قانون ۽ گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبليءَ جي قرارد??دن مطابق حل ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. آرمي چيف اتي رهندڙ پاڪستانين سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي انتظام هيٺ آجياڻي ۾ آرمي چيف پاڪستاني برادريءَ جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. آرمي چيف پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني برادريءَ طرفان ملڪ جي ترقيءَ لاءِ هاڪاري ڪردار کي ساراهيو. ڳالهين دوران مختلف موضوعن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي ۽ آرمي چيف پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني?? جي ڪوششن کي ساراهيو. هن ايس آءِ ايف سي ذريعي سيڙپڪاري ڪندڙ پرڏيهي?? جي آجيان ۽ حوصله افزائي ڪئي، جن پهريان ئي مختلف شعبن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. آرمي چيف ان ڳالهه تي روشني وڌي ته آمريڪا پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏي روانگي واپار جي م??رڪ??ٽ آهي جيڪا اسا?? جي ڪل روانگي واپار جو 21.5 سيڪڙو آهي. هن اسپيشل اسڪريننگ،، ويزائن کان انڪار ?? روڪڻ جهڙين افواهن کي رد ڪري ڇڏيو. آرمي چيف چيو ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو پاڪستان جا سفير آهن ۽ مختلف شعبن ۾ پاڪستان لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پاڪستاني برادري جي ميمبرن پاڪستا?? جي بهتريءَ لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار ?? شراڪت تي فخر جو اظهار ڪيو. آرمي چيف سڄي پاڪستاني برادريءَ کي انه?? جي ڪوششن تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن تنوير احمد سان به ملاقات ڪئي، جنهن پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي ترقي جي شعبي نسٽ لاءِ 9 ملين ڊالرن جو عطيو ڏنو هو. آرمي چيف سندس تعريف ڪندي ـ چيو ته پاڪستان کي توهان جهڙن هيروز تي فخر آهي.