اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ون??ل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي منتظر آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ون??ل پنهنجو واعدو پورو ڪري، پاڪستان ڪشميري عوام جي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ڪشمير جي خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشميري عوام اڄ خودمختياري جي حق جو ڏينهن ملهائي رهي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ون??ل 5 جنوري 1949ع تي اڄ جي ئي ڏينهن قرارداد جي ذريعي ڪشميري عوام کي اهو حق ڏنو هو ته اها پنهنجي م??ضي موجب پنهنجي م??تقبل جو فيصلو ڪري سگهي ٿي. اڄ ڪشميري عوام سان ڪيل ان واعدي کي 75 سال گذري ويا پر افسوس جو اهو واعدو اڄ تائين پورو نه ٿي سگهيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته گڏيل قومن کي ڪشميري عوام سان ڪيل واعدي جو احترام ڪندي انهن جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي حمايت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڄمون ?? ڪشمير جا ماڻهو گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ون??ل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جا منتظر آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ون??ل پنهنجو واعدو پورو ڪري. اطلاعات ۽ پارلياماني م??املن واري نگرانو فاقي وزير چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ?? ڪشمير تي پنهنجو قبضو مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تڪراري علائقي جي حيثيت بابت 11 ڊسمبر 2023ع جو ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ان رخ ۾ تازه ترين قدم آ??ي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ?? ڪشمير جي حدبندي م??هب جي بنياد تي تبديل ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.