ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان بهترين جاگرافيائي بيهڪ جي ل??اظ کان اهم واپاري سنگم تي واقع آهي، طرز حڪمراني ل??ڳيتو بهتر ٿي رهي آهي، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ آمدني ۾ اضافو اسان جو بنيادي مقصد آهي، ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، ٽيڪس وصولي وڌائڻ ۽ آمدني ۾ اضافي جي ل??ءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي ت??او?? فورم دوران پاٿ فائنڊرز بريڪ فاسٽ جي تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. تقريب ۾ ناليوارين پاڪستاني شخصيتن سان گڏوگڏ سڄي دنيا مان آيل دانشورن، ليکڪن، انساني ڀلائي جي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان 24 ڪروڙ آبادي رکندڙ عظيم ملڪ آهي، جيڪو پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي ل??اظ کان اهم واپاري سنگم تي واقع آهي، پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي بنيادن تي خطي ۾ رابطي جو ذريعو آهي، قدرت پاڪستان کي بي پناهه نعمتن سان نوازيو آهي، افغانستان به اسان جي پاڙي ۾ واقع آهي، جنهن کي علامه اقبال ايشيا جي دل قرار ڏنو ۽ اتي استحڪام جو پوري خطي تي اثر پوي ٿو. هن چيو ته پاڪستان اي سي او جو به اهم ميمبر آهي. اسان جي ڀرپاسي ۾ چين ۾ 336 ٽريلين ڊالر جو واپار ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ان کان اڳتي نار ت??او?? ڪائونسل جي ملڪن جي هائيڊرو ڪاربن برآمدات ان جي معيشت کي مضبوط بڻائي ڇڏيو آهي. انهن وٽ سرمايو بي شمار آهي پر انهن جي آبادي گهٽ آهي جنهن جي ڪري انهن کي ٻاهرئين ملڪ مان افرادي قوت گهرائڻي پوي ٿي ۽ ان جي ل??ءِ انهن کي پاڪستان بنگلاديش ۽ ڀارت مان افرادي قوت ميسر آهي. پاڪستان کي صنعتڪاري جي فروغ لاءِ وڌيڪ پرڪشش ۽ چٽاڀيٽي رکندڙ ۽ سهولت فراهم ڪندڙ ملڪ جي حيثيت حاصل آهي. نگران وزيراعظم چيو ته چين ۾ جديديت جو سفر 1979ع کانپوءِ شروع ٿيو ۽ هُو پنهنجون ڪجهه صنعتون ٻين ملڪن ۾ منتقل ڪري رهيو آهي ان جي ل??ءِ ڏکڻ ايشيا وچ اوڀر سان گڏ اهو ملڪ آهي جتي اهي صنعتون لڳايون وينديون. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مختلف نوعيت جا ڪلچر، زبانون، نسلي گروهه ۽ جاگرافيائي موجود آهي ۽ دنيا جي 8 کان 9 بلند ترين چو??يون پاڪستان ۾ ئي موجود آهن. اهي چو??ي سِر ڪندڙن جي دلچسپي رکندڙن جي ل??ءِ انتهائي ڪشش رکن ٿيون. ان سان گڏوگڏ اسان وٽ ٿر ۽ بلوچستان جا ريگستان ۽ پنجاب جو وسيع ميداني علائقو به آهي. اهو مختلف قسم جي جاگرافيائي جو هڪ اهڙو مجموعو آهي جنهن پاڪستان کي مثالي اهميت وارو ملڪ بڻائي رکيو آهي ۽ پاڪستان سياحت جي ل??ءِ هڪ بهترين ملڪ آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو انساني وسيلو اسان جو هڪ عظيم اثاثو آهي، 24 ڪروڙ آبادي مان 60 سيڪڙو جي عمر 30 سال کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ اهي پاڪستان جي ل??ءِ هڪ ڀرپور توانائي جي حيثيت رکن ٿا. انهن کي رهنمائي جي ضرورت آهي. اٽڪل 15 لک افرادي قوت آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڪم ڪري رهي آهي. اسان نوجوانن ج?? عالمي سطح تي ايڪريڊيشن جي ل??ءِ به ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اسان ساليانو عالمي سطح تي تسليم ٿيل ساليانو 50 هزار نوجوان گريجوئيٽ فراهم ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ طرز حڪمراني ل??ڳيتو بهتر ٿي رهي آهي، اسان کي چئلينجز درپيش آهن پر مون کي پڪو يقين آهي ته فيبروري ۾ ٿيندڙ عام چو??ڊن جي نتيجي ۾ جيڪا به چو??ڊيل حڪومت ايندي اها ان سلسلي ۾ مثبت انداز ۾ قدم کڻندي. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ملڪ ۾ ٽيڪس جي نظام کي بهتر بڻايو آهي، ٽيڪس جي وصولي جي ل??ءِ ڍانچاجاتي تبديليون ڪيون پيون وڃن. اسان کي ٻه اهم قدم کڻڻا آهن ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي اچي ۽ آمدني ۾ اضافو ٿئي. اسان نجي شعبي جي به آمدني وڌائڻ جي ل??ءِ حوصلا افزائي ڪنداسين، انهن کان ٽيڪس جمع ڪنداسين، جنهن کي سماجي شعبي تي خرچ ڪيو ويندو. هي اهو ماڊل آهي جنهن تي اسان کي دنيا جي ٻين ملڪن وانگر عمل ڪرڻو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اردو جو شمار دنيا جي وڏين زبانن ۾ ٿئي ٿو، پاڪستان جي جامع ثقافت دنيا جي ل??ءِ دلچسپي جو سبب آهي. هن چيو ته عالمي اقتصادي فورم ۽ پاٿ فائنڊرز گروپ سان اسان جي حصيداري مستقبل ۾ به جاري رهندي.