اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته رمضان جتي هر مسلمان جي لاءِ انفرادي طور تي پنهنجي گناهن جي بخشش، اخلاقي اصلاح ۽ جسماني صحت ۽ تندرستي جي لاءِ موزون ترين ماحول فراهم ڪري ٿو اتي پوري اسلامي معاشري ?? م??جو?? برائين جي خاتمي جو پڻ سبب بڻجي ٿو، صبر ۽ استقامت، بردباري، صله رحمي ۽ الله جي رضا جي لاءِ پنهنجي خواهشن تي ضابطو آڻڻ مسلمانن کي هڪ نئين ??رو??ات جو بهترين ۽ منفرد موقعو فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران رمضان المبارڪ 1445هه ??رو?? ٿيڻ تي قوم جي نالي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته رمضان المبارڪ جي هن برڪتن واري مهيني جي ??رو?? ٿيڻ تي پاڪستاني قوم سميت پوري مسلمان امت کي مبارڪباد ڏيان ٿو. اهو الله تعاليٰ جو اسان تي خاص ڪرم ۽ رحمت آهي ته اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر رمضان المبارڪ جون برڪتون سهيڙڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. هر سال رمضان مهيني ۾ عبادتن سان خالق سان ويجهڙائي ۽ مخلوق ۾ خير ورهائي الله تعاليٰ جي حڪمن کي مڃڻ هن مهيني کي مسلمانن جي لاءِ روحانيت جي معراج ۽ نئين سر اخلاقي تجديد جو ذريعو بڻائي ٿي. هي مهينو مسلمان امت جي وچ ۾ همدرديءَ، اخوت، ڀائيچاري ?? تعاون جي بنيادي اصولن جي اساس جي مضبوطي جو سبب پڻ بڻجي ٿو. هن چيو ته رمضان جو مهينو جتي هر مسلمان جي لاءِ انفرادي طور تي پنهنجي گناهن جي بخشش ۽ اخلاقي اصلاح ۽ جسماني صحت ۽ تندرستي جي لاءِ موزون ترين ماحول فراهم ڪري ٿو اتي پوري اسلامي معاشري ?? م??جو?? برائين جي خاتمي جو پڻ سبب بڻجي ٿو. صبر ۽ استقامت، بردباري، صله رحمي ۽ الله جي رضا جي لاءِ پنهنجي خواهشن تي ضابطو آڻڻ مسلمانن کي هڪ نئين ??رو??ات جو بهترين ۽ منفرد موقعو فراهم ڪري ٿو. هڪ روزيدار کي بک ۽ اڃ سان پنهنجي ڀرپاسي م??جو?? معاشي طور تي ڪمزور ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن جو اندازو ٿئي ٿو ۽ معاشري ?? هڪ ٻئي جي مدد جا جذبا وڌن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هن وقت معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ مون کي چڱي ريت احساس آهي ته مهانگائي ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي. حڪومت ان حوالي سان هڪ تاريخي رمضان ريليف پئڪيج ڏنو آهي، وزيراعظم سمورن سرندي وارن پاڪستانين کي اپيل ڪئي ته هن مهيني رمضان ۾ پنهنجي ڀرپاسي م??جو?? معاشي طور تي ڪمزور ماڻهن جي ضرور مدد ڪن.