اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) ترڪه جي صدر رجب طيب اردوان شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي تعاون ۽ ڀائيچاري ??ي بي مثال بلندين تائين وٺي وڃڻ ج?? لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش ۽ عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس پاڪستان جو وزيراعظم چوندجڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم اخوت ۽ ڀائيچاري ??ي ان احسن قدم ??ي صدر اردوان جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماڻهن جي وچ ۾ پائيدار ٻنڌڻ ۽ مضبوط مذهبي ۽ ثقافتي رابطا پاڪستان ۽ ترڪيه جي مضبوط رشتي جو بنياد آهن. وزيراعظم شهباز شريف اهو به چيو ته پاڪستان ويجهي مستقبل ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پاڪ ترڪي اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ايندڙ ا??لاس ۾ صدر اردوان جي آجيان ڪرڻ جو منتظر آهي. ٻنهي ملڪن جي حڪومتن ۽ عوام جي وچ ۾ موجود دوستي جي مضبوط رشتن کي ياد ڪندي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي تعاون ۽ ڀائيچاري ??ي بي مثال بلندين تائين وٺي وڃڻ ج?? لاءِ هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش ۽ عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فلسطين مسئلي جي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي ج?? لاڳاپيل قرا??دا??ن موجب منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل ج?? لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.