اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ايف بي آر جي آٽوميشن جي نظام جي تجويز ڪيل روڊ ميپ جي اصولي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته هاڻي ان روڊ ميپ تي وقت جي واضح تعين سان گڏ عملدرآمد ڪيو وڃي، ٽيڪس وصولين ۽ ريونيو بابت عدالتن ۾ التوا هيٺ ڪيسن ۽ قانوني تڪرارن جي حل لاءِ قانون واري وزارت سفارشون ڏي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ري اسٽرڪچرنگ بابت اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. وزيرا??ظم شهباز شريف قومي ايئر لائين پي آءِ اي جي نجڪاري تي عملدرآمد جي لاءِ حتمي شيڊيول طلب ڪندي نجڪاري وزارت کي هدايت ڪئي ته ضروري قدمن کانپوءِ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ شيڊيول پيش ڪري. وزيرا??ظم سختي سان هدايت ڪئي ته ان عمل ۾ ڪنهن به قسم جي سستي ۽ لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته سمورن مرحلن ۾ شفافيت کي سئو سيڪڙو يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري جي هيستائين جي اڳڀرائي ۽ ان ڏس ۾ اڳتي جي مرحلن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايف بي آر جي آٽوميشن، نظام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ، عالمي معيار موجب ڍانچاجاتي سڌارن، مراعتن جي ذريعي ٽيڪس ۾ اضافي، ڪرپشن ۽ اسمگلنگ جي خاتمي، ان لينڊ روينيو ۽ ڪسٽم جا جا شعبا جدا ڪرڻ ۽ ٽيڪس ريٽ ۾ گهٽتائي تي پيش ڪيل تجويزن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ايف بي آر جي آٽوميشن جي نظام جي تجويز ڪيل روڊ ميپ جي اصولي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي ته هاڻي ان روڊ ميپ تي وقت جي واضح تعين سان عملدرآمد ڪيو وڃي، هدفن جو تعين نه رڳو حقيقت پسنداڻو ه??ي پر عملدرآمد جي رفتار جي لحاظ کان خطي ۾ تيز ترين به هجي، اسان کي 24 ڪلاڪ مسلسل محنت سان اهو هدف حاصل ڪرڻو آهي، اسان وٽ ضايع ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ هڪ لمحو به نه آهي، اهو پاڪستان جي روشن مستقبل ۽ معاشي بحالي جو سوال آهي. وزيرا??ظم قانون واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ٽيڪس وصولين ۽ ريوينيو بابت عدالتن ۾ التوا هيٺ ڪيسن ۽ قانوني تڪرارن جي حل جي لاءِ فوري طور تي سفارشون پيش ڪري ته جيئن انهن کي حل ڪري قومي خزاني کي 1.7 ٽريلين رپين جي فراهمي جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪري ٿي سگهن. وزيرا??ظم قانون واري وزارت کي ايف بي آر ۾ قانوني شعبي جي قيام، ڊرافٽنگ کي قانون موجب بڻائڻ ۽ وڪيلن جون خدمتون وٺڻ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪرڻ ??ي پڻ هدايت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته سڌارن تي عملدرآمد جي نتيجي ۾ ئي 6 کان 7 سيڪڙو قومي ترقي جي شرح کي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو. شهباز شريف چيو ته اسان کي پنهنجي ريونيو ۽ ٽيڪس جي نظام کي جديد بڻائڻ جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، مراعتن تي ٻڌل ٽيڪس نظام آڻڻ چاهيون ٿا، ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ ??ي پوري خواهش آهي پر عوام جي ترقي ۽ سماجي خدمت ۾ ڪاروباري برادري کي پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري مدد ڪرڻي پوندي. وزيرا??ظم چيو ته اسان کي ٿرڊ پارٽي آڊٽ جو موثر نظام يقيني بڻائڻو پوندو جنهن ۾ اسان جو سسٽم هيستائين ناڪام رهيو آهي. هن زور ڏئي چيو ته د??يا ۾ سڪه بند نظام اچي چڪو آهي جنهن کي اختيار ڪري اسان بهتري آڻي سگهون ٿا. وزيرا??ظم چيو ته سمورن ٽيڪسن تي ڏنل ڇوٽ جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي، ايس ايم ايز کي ترقي ڏني هجي ها ته اڄ پاڪستان د??يا جي ترقي ڪري ويندڙ ملڪن کان پٺتي نه هجي ها، ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعت جي حوصلا افزائي 40 سالن ۾ نه ڪري سگهياسين، هاڻي ان شعبي کي فروغ ڏيڻو پوندو. ناڻي واري اڳوڻي نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر ايف بي آر جي ري اسٽرڪچرنگ، آٽوميشن، ريونيو حاصل ڪرڻ ۾ ڪوتاهين جي مختلف رخن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي جامع بريفنگ ڏني. ڊاڪٽر شمشاد اختر اجلاس کي ٻڌايو ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي پاڪستان ۾ سڄي د??يا جي ڀيٽ ۾ گهٽ 9.5 سيڪڙو آهي جنهن ۾ اض??فو ڪرڻ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ انتهائي ضروري آهي، 55.6 سيڪڙو ڪو به ٽيڪس نٿا ڏين جڏهن ته رڳو 3.3 سيڪڙو ٽيڪس ڏين ٿا، 2 لک ماڻهو 90 سيڪڙو ٽيڪس ڏين ٿا. هن ٻڌايو ته پاڪستان جو 1.7 ٽريلين رپيا قانوني عمل جي ڪري ڦاٿل آهي. هن فيڊرل پاليسي بورڊ جي قيام، د??يا جي ٻين ملڪن جي طرز تي ڪسٽم کاتي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ليگل اينڊ ريگيوليٽري فريم ورڪ ۾ سڌارن جي تجويزن تي پڻ روشني وڌي. فيڊرل پاليسيبورڊ ڊگهي مدي واري ٽيڪس پاليسي جوڙيندو ته جيئن پاليسي جو تسلسل رهي. اجلاس جي شروع ۾ وزيرا??ظم شهباز شريف ڊاڪٽر شمشاد اختر جي آجيان ڪندي چيو ته توهان جي ڪوششن تي اڄ ذاتي طور تي ٿورا ادا ڪريان ٿو. وزيرا??ظم چيو ته اها هڪ حقيقت آهي ته سينيٽر اسحاق ڊار آءِ ايم ايف سان هڪ ٺوس بنياد ٺاهي ويو هو جنهن جي ڪري بعد ۾ ان معاملي ۾ اڳڀرائي ممڪن ٿي. وزيرا??ظم شهباز شريف ڊاڪٽر شمشاد اختر ??ي پريزنٽيشن کي جامع قرار ڏيندي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو. اجلاس ۾ سينيٽر اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، عطاءُ الله تارڙ، راڻا مشهود احمد خان، مصدق ملڪ، احد چيما، شيزه فاطمه خواجه، رومينه خورشيد عالم، علي پرويز ملڪ کانسواءِ ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڊاڪٽر جهانزيب، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر چيئرمين، سيڪريٽري نجڪاري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ناليوارو بئنڪر محمد اورنگزيب وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو.