اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ ان حوالي س??ن هر ممڪن قدم پڻ کڻي رهي آهي، فيڪ نيوز تمام وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي جنهن جي تدارڪ جي لاءِ حڪومت ۽ ميڊيا کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته صحافي برادري ذميواراڻي ۽ غيرجانبداراڻي صحافت جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ ناز آفرين سهگل، سرمد علي، مجيب الرحمان شامي، شهاب زبيري، محمد اطهر قاضي، سيد منير جيلاني، محسن بلال، مهتاب خان ۽ فيصل زاهد ملڪ شامل هئا. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر موجود هئا. وفد عهدو سنڀالڻ تي وزي??اع??م کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م اي پي اين ايس جي نئين چونڊيل پينل کي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي وزي??اع??م چيو ته تمام مشڪل حالتن ۾ ملڪ جي واڳ سنڀالي آهي. هن چيو ته معيشت جي بحالي اسان جو سڀ کان وڏو چئلينج ۽ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزي??اع??م وفد کي حڪومت جي معيشت جي بحالي جي ڪوششن ۽ حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو. وزي??اع??م چيو ته اوڳاڙين جي وصولي جي نظام کي جديد بڻائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي مڪمل ڊيجيٽلائيزيشن ڪئي پئي وڃي ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جي اوڳاڙين جا ڪيس عدالتن ۽ ٽربيونلز ۾ التوا هيٺ آهن. وزي??اع??م چيو ته تازو ئي حڪومت ٽيڪس ايڪسي لسن ايوارڊز منعقد ڪيو جنهن جو مقصد سٺي ٽيڪس ڏيندڙن، برآمد ڪندڙن ۽ عورت انٽرپرينيورز جي حوصلا افزائي هئي. وزي??اع??م چيو ته اربين رپين جي بجلي چوري ٿي رهي آهي جنهن جي روڪٿام جي لاءِ هول آف دي گورنمينٽ اپروچ اختيار ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته حڪومتي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري، اداراجاتي سڌارا، اندروني ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ ڪفايت شعاري حڪومتي ترجيحون آهن. وزي??اع??م وڌيڪ چيو ته حڪومتي سطح تي خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا جلد پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وزي??اع??م وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پريس يقيني طور تي رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي ذهني ۽ فڪري تربيت ۾ پريس جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته گڊ گورننس يقيني بڻائڻ ۽ عوام کي آگاهي جي فراهمي ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته اڄ جي ڊيجيٽل دور ۾ پڻ پرنٽ ميڊيا جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. وزي??اع??م چيو ته ايس آءِ ايف سي تحت معاشي استحڪام جا ثمر عوام تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وزي??اع??م چيو ته فيڪ نيوز تمام وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي جنهن جي تدارڪ جي لاءِ حڪومت ۽ ميڊيا کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت پريس جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ ان حوالي س??ن هر ممڪن قدم پڻ کڻي رهي آهي. وزي??اع??م ان اميد جو اظهار ڪيو ته صحافي برادري ذميواراڻي ۽ غيرجانبداراڻي رپورٽنگ جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. وزي??اع??م وفد جي شرڪت ڪندڙن کي چيو ته صحافي برادري پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪوششن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏي. وزي??اع??م وفد کي صحافي براداري کي درپيش سموريون مشڪلاتون حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته صحافين کي انهن جون ذميواريون نڀائڻ ۾ جتي به حڪومت جي مدد گهربل هوندي اسان ان حوالي سان انهن جو ڀرپور ساٿ ڏينداسين.