اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب غزه ۾ جنگبندي کي يقيني بڻائڻ ۾ عالمي برادري جي ناڪامي تي افسوس جو اظهار ڪندي ان کي فوري لاڳو ڪرڻ، انساني امدادي لنگهه کولڻ ۽ وڏي انساني بحران کي روڪ?? جي لاءِ قدمن ج?? مطالبو ڪيو آهي. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان کي غزه جي ??باهي آڻيندڙ صورتحال تي وڏي ڳڻتي آهي. هن چيو ته ٻئي ڀائر ملڪ غزه تي هڪ جهڙا جذبا رکن ٿا، هن عالمي برادري تي نسل ڪشيءَ جي ??اتمي تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته 33000 کان وڌيڪ فلسطيني مارجي چڪا آهن، عالمي ضمير کي بيدار ٿيڻ گهرجي ۽ بنا رڪاوٽ انساني امداد کي يقيني بڻائ?? جي لاءِ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي کي لاڳو ڪرڻ گهرجي. هن غزه ۾ انسانيت جي ??لاف ٿيندڙ ڏوهن جي ??المي جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته وڌيڪ فلسطينين کي بک جي ڪري مارجڻ نه گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته انسانيت جي ??لاف جنگي ڏوهن جي ??ڄي دنيا ۾ مختلف جاچ ٿي ته غزه ۾ ڇو نه ٿي سگهي. هن چيو ته پاڪستان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪري ٿو ته مسئلي جو مستقل حل فلسطين ج?? هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ ۾ آهي جنهن ج??ن 1967ع کان اڳ واريون سرحدون ۽ القدس الشريف ان ج?? گادي وارو شهر هجي. هن سعودي پرڏيهي وزير جي لفظن کي ورجائيندي چيو ته دنيا اولهه جي ڇهه امدادي ڪارڪنن ج?? قتل کانپوءِ بيدار ٿي پر هزارين فلسطينين ج?? مارجڻ تي نٿي. پرڏيهي وزير چيو ته ان ڏس ۾ دنيا کي تيزي سان ڪم ڪرڻ گهرجي. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود چيو ته غزه ۾ هيستائين 33 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن، وڌيڪ اهو ته اتي ڏڪار جهڙي صورتحال درپيش آهي ۽ هاڻي بک سان به مري رهيا آهن ڇو ته عالمي انساني امداد نه پهچي رهي آهي. اها عالمي برادري جي مڪمل ناڪامي آهي. جاري صورتحال کي ناقابل قبول قرار ڏيندي هن چيو ته ان ج?? ڪو جواز نه آهي، حقيقت ۾ غزه ۾ فوري جنگبندي جي ??والي سان گڏيل قومن ج?? ٻن قراردادن تي عملدرآمد نه ٿيو. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڇهه اولهه امدادي ڪارڪنن ج?? مارجڻ کانپوءِ ڪوششون ڏسڻ ۾ آيون پر 33000 فلسطينين ج?? موت کانپوءِ ائين نه ٿيو جيڪو ٻٽي معيار کي ظاهر ڪري ٿو. شهزاده فيصل غزه جي ??وام جي مارجڻ ۽ مصيبتن ج?? فوري خاتمي جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته هو اڳ ۾ ئي هڪ غيرمستحڪم خطي ۾ رهي رهيا آهن ج??هن ج?? ڪري غزه ۾ تباهي ٿي رهي آهي ۽ وڌيڪ ٽڪراءُ جي ??رورت نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ سڀني جي ??رجيح هجڻ گهرجي. ان موقعي تي صحافين ج?? مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ٻنهي اڳواڻن چيو ته اسان مضبوط حصيداري کي وڌيڪ قائم ڪرڻ ۽ ان کي اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن ج?? گڏيل فائدي جي لاءِ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي عرب مان اعليٰ اختياراتي وفد جي ??چڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي پنهنجي ڳالهه ٻولهه بابت هن چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن ج?? وچ ۾ خوشگوار تعاون کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ??ريقن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. هن وضاحت ڪئي ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل غيرملڪي سيڙپڪاري کي تيزي سان گامزن ڪر?? جي لاءِ ون ونڊو وانگر ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستان پنهنجي ??يڙپڪاري جي ماحول کي مضبوط بڻائ?? جي لاءِ پرعزم آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندس تفصيلي بريفنگ ۾ سعودي سيڙپڪارن ج?? لاءِ توانائي، زراعت، معدنيات ۽ آءِ ٽي جي ??عبن ۾ وسيع موقعن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته هو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي سعودي سيڙپڪاري جي مڪمل سپورٽ کي يقيني بڻائيندو ۽ ان ج?? لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪندو. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي ??اندار استقبال ۽ مهمان نوازي کي ساراهيو. هن پاڪستاني قيادت سان پنهنجي ملاقاتن کي انتهائي نتيجاخيز قرار ڏنو. سعودي پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري جي ??هميت تي زور ڏنو ۽ سيڙپڪاري کي مضبوط بڻائڻ جي ??زم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته وفد پاڪستاني ڌر جي فعال ۽ ڪاروباري ڌيان ج?? موقف کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا نمايان موقعا موجود آهن ۽ سندس دورو ان حوالي سان تمام گهڻو مثبت رهيو جيڪو مستقبل جي منص??بن جو بنياد فراهم ڪندو. شهزاده فيصل بن فرحان تاريخي ٻطرفي تعاون سان اقتصادي اڳڀرائي ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار هڪ ٻئي سوال تي چيو ته ايس آءِ ايف سي ۽ Sovereign Wealth Fund پارليامينٽ جي ??يڪٽ ذريعي جاري ڪيو ويو. فنڊ جي ماليت هاڻي 9 ملين ڊالر آهي جڏهن ته ان جي ??روعات 2.3 ملين ڊالر هئي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ سمورن علائقائي ۽ گهڻ رخي فورمز تي گڏيل موقف جو تاريخي پس منظر رکن ٿا. هن چيو ته سعودي عرب اٽڪل 25 لک پاڪستانين ج?? ميزباني ڪري رهيو آهي جيڪو ٻاهرئين ملڪ ڪم ڪندڙ پاڪستانين ج?? ڪل انگ جو 28 سيڪڙو آهي ۽ اهي ملڪ کي ملندڙ ڪل مٽاسٽا جي ناڻي مان 25 سيڪڙو موڪلي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته پاڪستان حڪومت سعودي عرب جي نئين پاليسي تحت تربيت يافته ۽ هنرمند افرادي قوت برآمد ڪندي. سعودي پرڏيهي وزير سعودي عرب جي ??رقي ۾ پاڪستانين جي ??عاون کي ساراهيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته انهن ج?? معيشت ۾ اها مثبت حصيداري مستقبل ۾ پڻ جاري رهندي. سعودي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ٻنهي ڀائر مملڪن گڏجي چئلينجز کي منهن ڏنو، ماضي ۾ به هڪ ٻئي سان تعاون ۽ دارومدار ڪيو ۽ اهو مستقبل ۾ به جاري رهندو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ٻئي ملڪ عالمي چئلينجن جي ??اتمي لاءِ ڳالهه ٻولهه تي يقين رکن ٿا.