اسلام آباد ??? 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان ت??ڪيه جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو ملا??ات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل مفاد ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملا??ات ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ت??ڪيه سان پنهنجي لاڳاپن تي فخر ڪري ٿو، ترڪيه سدائين بنيادي معاملن تي پاڪستان جي حمايت ڪ??ي. صدر پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڪيترن ئي منصوبن تي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ عوامي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ترڪيه سان زراعت، تعليم، فن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو، صدر رجب طيب اردوان پاڪستان جو سچو ۽ مخلص دوست آهي، ترڪ صدر منهنجي چونڊ ۽ رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ تي ٽيليفون ڪال ڪئي، ترڪ صدر جو ٻه ڀيرا ٽيليفونڪ رابطو پاڪ – ترڪ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ان جي عزم جو اظهار آهي. ترڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر پاڪستان سان دفاعي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ترڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر کي نشان امتياز (ملٽري) ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.