اسلام آباد- 07 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ملڪي معيشت جو دارومدار سياسي استحڪام سان آهي، جيڪو ملڪ اقتصادي طور تي مستحڪم هوندو اهوئي ??رق?? ڪندو، سياسي استحڪام معاشي استحڪام سان ??نڍيل آهي، پينشن ريفارمز تي ڳالهه ٿي رهي آهي، ساليانو خرچن جو وڏو حصو رٽائر ملازمن جي پينشن ۾ نڪري ويندو آهي. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽرز ۾ وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ محمد اورنگزيب سان ??ڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت آهي ته حڪومتي سطح تي ٿيندڙ سمورو ڪم عوام سان شيئر ڪيو وڃي، بنيادي ڍانچي ۾ سڌارا اسان جي ايجنڊا جو حصو آهن. معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان ??نڍيل هوندو آهي. هن چيو ته عالمي مالياتي فنڊ جو مطالبو آهي ته ٽيڪس نيٽ کي وڌايو وڃي، وزيراعظم ايف بي آر ۾ سڌارن جي ذميواري کنئي آهي، ايف بي آر جي ريفارمز جي ايجنڊا ترجيحن ۾ آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو اهو مطالبو به آهي ته بجلي جي چوري کي روڪيو وڃي، سڌارن جي حوالي سان وزيراعظم سڀني کان ايف بي آر جي بريفنگز ورتي آهي، 27 سؤ ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس ڪيس عدالتن ۾ التوا ??يٺ آهن. عدالتن ۾ التوا ??يٺ ٽيڪس بابت ڪيسن تي فوري فيصلا ٿيڻ گهرجن، پارليامينٽ ٽيڪس ٽربيونل بابت پهريون قانون پاس ڪيو آهي، بجلي چوري جي روڪٿا لاءِ ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته معيشت جي بحاليءَ ۾ ايف بي آر جو اهم ڪردار آهي.