بشڪيڪ – 22 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغز جمهوريه جي پرڏيهي وزير ڪلوبايف زين بيڪ مولدوڪانووچ سان تفصيلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان پاڪستان ۽ جمهوريه ڪرغزستان جي وچ ۾ پراڻي دوستاڻي لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪ??و. ??رڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ڪرغزستان ۾ پاڪستانين سميت ??ير??لڪين جي خلاف تشدد جي تازي افسوسناڪ واقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ڪرغز حڪومت پاران بدامني دوران حالتون مع??ول تي آڻڻ ۽ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ان جي فوري قدمن تي ٿورا مڃيا. نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستانين جي خلاف تشدد جي تازين ڪاررواين جي ذميوارن جو گهيراءُ ڪيو ويندو. ڪرغز پرڏيهي وزير امن امان جي بحالي جي لاءِ ڪرغز عملدارن پاران کنيل قدمن جي وضاحت ڪئي ۽ فسادن ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري، ڪيس هلائڻ ۽ سزا ڏيڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪ??و. ??ائب وزيراعظم ڪرغز جمهوريه ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين سميت سمورن ??ير??لڪين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.