شينزن – 05 – جون (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ڪاروباري معاهدن ۾ بزنس ??و بزنس سرگرمين کي عملي طور تي فروغ ملندو جڏهن ته چين کي پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪرڻ جي لاءِ هڪ منفرد پليٽ فارم مهيا ٿيندو. چين جي دوري جي م??قعي تي شينزن ۾ صحافين ??ان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ڪانفرنس ۾ چين جي 500 ۽ پاڪستان مان 100 ڪمپنين جي ش??ڪت حوصلي جوڳي آهي، 32 ايم او يوز تي صحيحن ??ان ٻنهي طرفن جي بزنس ڪميونٽي ڳنڍجي وئي، ڪاروباري معاهدن ۾ بزنس ??و بزنس سرگرمين کي عملي طور تي فروغ ملندو. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته انهن معاهدن ??ان چين کي به پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪرڻ جي لاءِ منفرد پليٽ فارم ملندو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ??ان چين کي به ٻين ملڪن کي ڊائريڪٽ ايڪسپورٽ جو موقعو ملندو، پاڪ چائنا بزنس جي فروغ ??ان پاڪستاني ڪمپنين جي ايڪسپورٽ ۾ پڻ اضافو ٿيندو، بزنس ۾ رابطا هموار ٿيڻ ??ان لانگ ٽرم حصيداري جا دروازا کلن ٿا. وفاقي وزير چيو ته پاڪ چائنا بزنس ??ورم جو انعقاد ڪامياب ترين ۽ غيرمعمولي اهميت رکندڙ آهي، وزيراعظم جو چين ??ان حصيداري جو ويزن بهتر انداز ۾ پڄاڻي طرف گامزن آهي، ٻطرفي واپار ??ان پاڪ چين بزنس ڪميونٽي جي وچ ۾ اعتماد کي فروغ ملندو، شينزن ۾ ان کان اڳ ڪا بزنس ڪانفرنس ايتري قدر ڪامياب ناهي ٿي.