راولپنڊي -17 جولاءِ (اي پي پي) بنون ڇانوڻي تي 15 جولاءِ تي دهشتگردن جي آپگهاتي حمل?? جي نتيجي ۾ شهادت جي عظيم رتبي تي پهتل پاڪ فوج جي جوانن کي پوري فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪ??و ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق ان واقعي ۾ نائب صوبيدار محمد شهزاد شهيد (عمر 44 سال، ر??ائ?? ضلع پونڇ آزاد ڄمون ڪشمير)، حوالدار ضلال حسين شهيد (عمر 39 سال، ر??ائ?? ضلع خوشاب)، حوالدار شهزاد احمد شهيد (عمر 28 سال، ر??ائ?? ضلع نيلم آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي اشفاق حسين خان شهيد (عمر 30 سال، ر??ائ?? ضلع مظفر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي سبحان مجيد شهيد (عمر 22 سال، ر??ائ?? ضلع مظفر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي امتياز خان شهيد (عمر 30 سال، ر??ائ?? ضلع ڪرڪ)، سپاهي ارسلان ا??لم شهيد (عمر 26 سال، ر??ائ?? ضلع بهاولپور) ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو لانس نائيڪ سبز علي شهيد (عمر 34 سال، ر??ائ?? لڪي مروت) کي پنهنجن اباڻن علائقن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪ??و ويو. شهيدن جي جنازه نماز ۽ تدفين ۾ پاڪ فوج جي سينئر آفيسرن، جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائق?? جي معزز ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مادر وطن مان دهشتگرد?? جي ??عن?? ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين هي جنگ جاري رهندي. شهيدن جون هي عظيم قربانيون ڪنهن به صورت ۾ ضايع نه وينديون.