اسلام آباد -22 جولاءِ (اي پي پي) او آءِ سي جي 25 هين عالمي آبي وسيلن، توانائي، خوراڪ ۽ ماحولياتي تبديلي بابت ڪانفرنس اڪيڊمي آف سائنسز اسلام آباد ۾ شروع ٿي وئي. عالمي اسلامڪ اڪيڊمي آف سائنسز جي صدر سميت 12 ملڪن جا سائنسدان ۽ تحقيق ڪندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيا آه??. اسلام آباد سائنس اڪيڊمي ۾ عالمي ڪانفرنس ورلڊ اسلامڪ اڪيڊمي جي سهڪار سان منعقد ڪ??ي پئي وڃي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سينيٽر شيري رحمان، ايس اي سي چيئرمين ۽ سينئر سائنسدان ڊاڪٽر عطا الرحمان به ڪانفرنس ۾ شريڪ آه??. بنگلاديش، ملائيشيا، اردن، لبنان سميت ٻين ملڪن جا نمائندا به ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيا آه??.اسلامڪ ورلڊ اڪيڊمي آف سائنس جي صدر پروفريسر عدنان باردن به ڪانفرنس کي خطاب ڪيو، جڏهن ته پاڪستاني سائنسدان ۽ تحقيق ڪندڙ به ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. سينيٽر شيري رحمان صدر ??مل??ت جي نمائندگي ڪندي افتتاحي خطاب ڪيو. هن صدر ??مل??ت آصف علي زرداري جو پيغام پڙهي ٻڌايو. هن چيو ته برساتن کان علاوه اسان ٻين ماحولياتي تبديلين جي بحرانن کي منهن ڏئي رهيا آه??ون. علائقائي ادارن جي صلاحيت کي وڌائڻو پوندو ته جيئن هو آفت کي روڪي سگهن. پاڪستان جي ماحولياتي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي اسان کي رزيليئنس جي نئين سري سان وضاحت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته صرف انفراسٽرڪچر ئي رزيلئنس ناهي اسان کي رزيلينس ۾ مقامي ماڻهن ۽ آبادين کي شامل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جي سمورن لاڳاپيل ادارن کي پاڻ ۾ رابطن ۽ گڏيل حڪمت عملي سان چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو. زمين اندر پاڻي جي سطح کي وڌا??ي پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جديد ٽيڪ??ال??جي جي استعمال سان اسان موسمياتي تبديلي جي نقصانن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا.