اسلام آباد – 06 – آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس 2024ع جي جولين ٿرو جي مقابلن جي فائنل رائونڊ ۾ ڪواليفائي ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وز??را??ظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم چيو ته ارشد نديم پنهنجي شاندار ڪارڪردگي ۽ اڻٿڪ محنت سان پوري قوم جي دل کٽي ورتي آهي، جولين ٿ??و راند جي اوسر جي لاءِ ارشد نديم جون خدمتون قدر جوڳيون آهن ۽ سندس محنت ۽ لگن نوجوانن جي لاءِ مشعل راهه آهي. وز??را??ظم چيو ته مارچ 2024ع ۾ وز??را??ظم هائوس ۾ ارشد نديم سان ملاقات ڪري دلي خوشي ٿي، پاڪستان ۾ بي پناهه ٽيلينٽ آهي، ان کي وڌيڪ نکارڻ جي ضرورت آهي، حڪومت پاڪستان ۾ عالمي سطح تي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن جي حوصلا افزائي جاري رکندي. وز??را??ظم اولمپڪس 2024ع ۾ ارشد نديم جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.