اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ??وڀر غزه ۾ الطب??ن اسڪول تي اسرائيل حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آه??، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ شهري فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي آفيس طرفان ??اري بيان ۾ ترجمان چيو ته بي گهر ماڻهن کي پناهه ڏيندڙ هڪ پناهگيرن سان ڀريل اسڪول تي حملو، خاص طور تي جڏهن اهي فجر جي نماز ادا ڪري رهيا هئا، اهو افسوسناڪ، غير انساني ۽ بزدلاڻو عمل آه??. شهري آبادين ۽ ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ عالمي انساني قانونن جي سنگين خلاف ورزي آه??. ترجمان ??ور ڀريو ته اسرائيل کي غزه م انهن جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشي جي واقعن تي جوابده هئڻ گهرجي. ترجمان چيو ته اسان ??المي برادري خاص ڪري گڏيل قومن ۽ اسرائيل جي حامين کان مطالبو ڪ??ون ٿا ته غزه جي نسل ڪشي جي خاتمي ۽ غزه جي عوام جي تحفظ لاءِ فوري قدم کڻن.