اس??ام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اس??مب??ي ارسا جو معاملو اسٽيڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليندي ارسا ميمبرن کي گهرائڻ ۽ معاملي تي تفصيلي بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 1991ع جي پاڻي جي ورڇ جي معاهدي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته مسئلن کي افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي، ارسا جي حوالي سان اس??مب??ي ميمبرن جا خدشا ختم ٿيڻ گهرجن. قومي اس??مب??ي جي اجلاس ۾ ارسا پاران پاڻي جي ڊائيورزن ??ي فيصلي جي حوالي سان سيد نويد قمر، نواب يوسف ٽالپر، شبير علي بجاراڻي، مير غ??ام علي ٽالپر ۽ ٻين جي اعتراض وارن نقطن تي جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1991ع جي پاڻي جي ورڇ جي معاهدي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو، نواز شريف جي سدائين ڪوشش رهي آهي ته مسئلن کي افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي. هن چيو ته ارسا جي حوالي سان اس??مب??ي ميمبرن جا خدشا آهن، اس??مب??ي ميمبر هارين ۽ آبادگارن جو آواز ايوان ۾ اٿاريندا آهن، زراعت سان اسان جي معيشت واڳيل آهي، اهو معاملو لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي. هن چيو ته ارسا جي ميمبرن ۽ صوبائي نمائندن کي خصوصي طور تي گهرايو وڃي ته جيئن تفصيلي بريفنگ ٿي سگهي ۽ ان مسئلي جو مناسب حل ڳولي سگهجي. ڊپٽي اسپي??ر غ??ام مصطفيٰ شاهه اهو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليندي چيو آهي ته جن اس??مب??ي ميمبرن اهو معاملو اٿاريو آهي انهن کي به ڪميٽي جو ميمبر بڻايو ويندو. ارسا جي ميمبرن کي به گهرايو ويندو جڏهن ته جيڪي به ميمبر ان معاملي ۾ دلچسپي رکن ٿا، اُهي پنهنجا نالا ڏين ته جيئن انهن کي به ڪميٽي ۾ شامل ڪيو وڃي. قومي اس??مب??ي ميمبر محمد احمد چٺا جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ضلعي وزيرآباد ۾ پاسپورٽ آفيس ٺهڻ گهرجي، ان حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويندا.