ملتان-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم نواز شري?? جي گهرواري، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شري?? جي والده، اڳوڻي خاتون اول ۽ اڳوڻي ??يم اين اي ڪلثوم نواز شري?? جي 6 هين ورسي 11 سيپٽمبر تي مله??ئي ويندي. ڪلثوم نواز 29 مارچ 1948ع تي لاهور ۾ پيدا ٿي، 1972ع ۾ هن فارمين ڪرسچين ڪاليج مان اردو ادب ۾ بي اي ڪيو جڏهن ته پنجاب يونيورسٽي مان اردو شاعري ۾ ??يم اي ڪيو. ڪلثوم نواز اردو ادب ۾ پي ايڇ ڊي به ڪئي. 1968ع ۾ سندس شادي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ٿي. ڪلثوم نواز ٽي ڀيرا خاتون اول ۽ نواز شري?? جي جلاوطني دوران 1999ع کان 2002ع تائين پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر رهي. 11 سيپٽمبر 2018ع ڪينسر سبب لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪر?? وئي.