ڪوئٽا-24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته بلوچستان جي ??وج??انن ۾ بي پناهه ٽيلنٽ موجود آهي، جيڪڏهن انهن کي موقعو ملي ته هو پاڪستان جي عالمي سطح تي نمائندگي ڪري سگهن ٿا. شاهه زيب رند ورلڊ چيمپئين ٽائيٽل کٽي نه رڳو بلوچستان پر پاڪستان جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪيو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن بيوٽمز يونيورسٽي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ورلڊ ٽائيٽل کٽڻ تي شاهه زيب رند کي مبارڪون ڏ??ند?? چيو ته راند اه??و شعبو آهي جنهن ۾ محنت جي عيوض ڪاميابي مقدر بڻجندي آهي، هن چيو ته جڏهن پهرين به مان بلوچستان جو دورو ڪيو ه?? ۽ ??وج??انن سان مليو هئس ته انهن ??وج??انن مون کي متاثر ڪيو ه??. هن چيو ته بلوچستان جي اڻوڻندڙ حالتن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ??وج??انن جو ڪمال آهي، نيشنل والنٽيئر ڪار جو لوگو ٺاهيندڙ ٻارڙي جو تعلق ڪوئٽا جي سرياب روڊ سان آهي جيڪا تمام وڏي ڳالهه آهي. هن چيو ته هن وقت وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کان ٻاهر آهي، جهڙي ريت ارشد نديم کي وزيراعظم هائوس ۾ گهرايو ويو ه??، اه??ي ريت شاهه زيب رند به قوم جو ه??رو آهي، ان کي به وزيراعظم هائوس ۾ گهرايو و??ند?? ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪئي و??ند??. هن چيو ته تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بلوچستان ۾ وڌيڪ 3 دانش اسڪول کولي رهيا آهيون. ان موقعي تي تقريب کي وشو ڪراٽي ڪمبيٽ ۾ ورلڊ ٽائيٽل کٽندڙ شاهه زيب رند خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان لاءِ ورلڊ ٽائيٽل کٽڻ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ننڍي ڪلب کان ڪئي هئي، ماڻهو منهنجي خواب ۽ ٽارگيٽ تي هلندا هئا، محبت هجي ۽ ويزن واضح هجي ته ڪاميابي اوهان جو مقدر بڻجي و??ند?? آهي. هن ??وج??انن کي چيو ته هو جنهن به فيلڊ ۾ آهن، ان ۾ مستقل مزاجي سان ڪم جاري رکن. هن وزيراعليٰ بلوچستان ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن طرفان استقبال تي سندن شڪريو به ادا ڪيو.