اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا واپار، معيشت، بئنڪنگ جي شعبي، فوڊ ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن گڏيل اهميت رکندڙ معاملن تي تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. اها ڳالهه ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جي وچ ۾ ملاقات دوران چئي وئي. صدر ملائيشيا جي وزيراعظم جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي لاڳاپن کي ملائيشيا سان وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ هو ٻطرفي تعاون کي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم جو هي دورو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. صدر غزه جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل کي فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشيءَ ۽ ظلمن کان روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي. ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم صدر کي ٻڌايو ته هن وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خوشگوار ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بلاول ڀٽو زرداري، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سينيٽر شيري رحمان ۽ ٻيا اعليٰ حڪومتي عهديدار پڻ موجود هئا.