اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان روس جي سفير اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪ??ي جنهن ۾ خطي، علائقائي، عا??مي صورتحال ۽ گڏيل لاڳاپن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چ??و ته روس سان گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. روس خطي جو اهم ملڪ آهي. پاڪستان روس سان پنهنجن لاڳاپن کي ق??ر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. روس جي سفير رشين فيڊريشن ڪائونسل جي چ??ئرپرسن ويلنٽينا ميٽيا وينڪو طرفان سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني لاءِ مبارڪن جو خط پڻ پيش ڪيو.