اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان وچ اوڀر ۾ وڌندڙ خراب صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي امن کي ??رجيح ڏين. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اسرائيل تازي مهينن ۾ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪندي قدم کنيا جنهن جي نتيجي ۾ سنگين انساني بحران پيدا ٿيو آهي. هن چيو ته اسرائيل غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي ??طري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، لبنان تي تازي حملي ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ شدت پيدا ڪري ڇڏي آهي جنهن سان بيگناهه شهرين جون زندگيون متاثر ٿي رهيون آهن. فلس??ين?? لبنان ۽ وسيع خطي جا ماڻهو خوف ۽ تشدد کان آزاد زندگي گذارڻ جا مستحق آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سمورين ڌرين جي لاءِ اهو انتهائي ضروري آهي ته اهي پـٺتي ٿين ۽ عالمي برادري کي ??ورتحال کي ??هتر بڻائڻ جي لاءِ تيزي سان ??ارروائي ڪرڻ گهرجي. ترجمان ??يو ته پاڪستان ??ڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي ??رق??ار رکڻ، لبنان جي خودمختياري جي تحفظ ۽ غزه ۾ جاري انساني بحران جي خاتمي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ س?? جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ جامع حل سان وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي اهم طور ٻه رياستي حل جي مسلسل وڪالت ڪئي آهي.