اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي وطن پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد نواز خان جدون چيو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم(ايس سي او) اجلاس جي م??قع?? تي پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان اسلام آباد ۾ احتجاج جو سڏ ڏيڻ انتش??ر پکيڙڻ جي برابر آهي. ڇنڇر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پرامن احتجاج هر سياسي پارٽي جو حق آهي جڏهن ته وقت ج?? نزاڪت ج?? ادراڪ به ضروري آهي، ايس سي او اجلاس جي م??قع?? تي اسلام آباد ۾ احتجاج جو سڏ ڏيڻ انتش??ر پکيڙڻ جي برابر آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف کي پنهنجي ڏنل سڏ تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، بار بار احتجاج جي سڏ سان هاڻي عوا?? به پريشان ٿي وئي آهي.