اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) اجلاس ??ي م??زب??ني پاڪستان جي لاءِ عالمي سطح تي هڪ اهم سفارتي ڪاميابي جو واضح ثبوت آهي، ايس سي او پليٽ فارم تان پاڪستان کي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبي ۾ نوان موقعا حاصل ٿي سگهن ٿا، خاص طور تي چين ۽ روس جهڙن ملڪن سان تعاون جا رستا کلي سگهن ٿا. اجلاس ??ي م??زب??ني سان پاڪستان جي عالمي سطح تي مقبوليت ۽ اهميت ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهو ٻين ميمبر ملڪن سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو. ايس سي او جي پليٽ فارم علائقائي امن ۽ استحڪام کانسواءِ دهشتگردي، منشيات جي اسمگلنگ ۽ ٻين علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي ج??ڪي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. عالمي سطح تي مثبت تا??ر پاڪستان پاران هڪ ڪامياب م??زب??ني عالمي سطح تي ان جو مثبت تا??ر قائم ڪري سگهي ٿي جنهن سان عالمي تنظيمن ۽ ملڪن جي وچ ۾ ان جي حصيداري کي فروغ ملي سگهي ٿو. اجلاس ??ي م??زب??ني سان پاڪستان کي سفارتي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ عالمي سطح تي پنهن??ي موقف کي مضبوط ڪرڻ جو بهترين موقعو ملي ٿو. اهڙا موقعا ملڪن جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ايندا آهن. هي پاڪستان جي ترقي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ نادر موقعو آهي. سڄي دنيا جو ڌيان پاڪستان تي آهي ۽ ان موقعي سان وڏا وڏا ملڪ پاڪستان کي فخر جي نگاهه سان ڏسندا. هن تنظيم ??ي ميمبر ملڪن ۾ چين، روس، ڀارت، پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستون شامل آهن ج??ڪي عالمي سياست ۽ معيشت ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.