اسلام آباد-01 نومبر (اي پي پي) سعودي ع??ب جي گاديء?? واري هنڌ رياض ۾ وفاقي وزيرن پاران سعودي عملدارن سان اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي ع??ب وچ ۾ وڏي سيڙپڪاري جي روڊ ميپ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سعودي وفد جي هاڻوڪي پاڪستان جي دؤري ۽ وزيراعظم جو سعودي ع??ب جي دؤري جي روشنيءَ ۾ گڏيل معاهدن کي عملي جامو پهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ??ار?? ڪيل پريس رليز موجب سعودي ع??ب جي سيڙپڪاري بابت وزير شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح سان اعليٰ سطحي وفد سان گڏ رياض ۾ پاڪستان مان دؤري تي ويل سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ اعليٰ آفيسرن سان گڏ اجلاس منعقد ڪيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن ۾ طئي ٿيل ايم او يوز ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي معاهدن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. سعودي وزير وفاقي وزيرن جي سعودي ع??ب ۾ آجيان ڪندي چيو ته سندن هاڻوڪو دؤرو انتهائي خوشگوار، هاڪاري ۽ تعميري رهيو جنهن جي روشنيءَ ۾ ايندڙ اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو پيو وڃي. هن سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي وزير کي 25 ۽ 26 نومبر تي سعودي ع??ب ۾ ٿيندڙ ايڪسپو ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاط??ي ڪرائي. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني معيشت ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ ماضي وانگر آئينده به سعودي ع??ب ڀرپور ڪردار ادا ڪندو ۽ جن شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ان ۾ سيڙپڪاري جي ڳاڻيٽي ۾ وڌيڪ واڌ ڪندو. پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ وفاقي وزير عبدالعليم سعودي عملدارن کي ٻُڌايو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ ??هم شعبن جي ترجيحي فهرست مطابق عملدرآمد کي يقيني بڻائيندو ۽ سازگار ماحول جي فراهميءَ سان گڏوگڏ سعودي سيڙپڪارن کي غير ضرو??ي ڪاررواين کان پاسو ۽ هر طرح جي سهولت جي فراهمي يقيني بڻائيندو. هن چيو ته اسان کي نين گهرجن موجب سيڙپڪاريءَ جي معاملن کي اڳيان وڌائي پاڪ- سعودي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي، هڪ مهيني دوران سعودي ع??ب جي وزير جي پاڪستان آمد ۽ ان کان فورن بعد پاڪستان جي وزيراعظم جو اُتان جو دؤرو ۽ وفاقي وزيرن جي موجودگي اسان جي مضبوط عزم جو اظهار آهي. ان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ سيڙپڪارن لاءِ ??عودي ع??ب ۽ وفاقي وزيرن وچ ۾ فالو اپ ??ار?? رکڻ ۽ ڪم جي رفتار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته وفاقي وزيرن، سعودي وزير ۽ سعودي عملدارن جو شڪريو ادا ڪندي انهن کي ٻنهي ملڪن لاءِ ??ٺو سنوڻ قرار ڏنو. اجلاس ۾ سعودي ع??ب ۽ پاڪستان جي سيڙپڪاري واري وزارت جي سينيئر آفيسرن ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جي نشاندهي ڪئي ۽ ان حوالي سان مختلف فني معاملن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان اهم فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کان پوءِ ??يڙپڪاري عملي طور شروع ٿي ويندي.