اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪشميري اڳواڻ محمد يا??ين ملڪ جي خراب ٿيندڙ صحت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جيڪو نئين دهلي جي تهاڙ جيل ۾ خراب حالت ۽ ناڪافي طبي امداد جي خلاف احت??اج طور بک هڙتال ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته فرضي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ کانپوءِ محمد يا??ين ملڪ گذريل ڪيترن ئي سالن کان جيل ۾ بند آهي ۽ کيس موت جي سزا درپيش آهي. هن چيو ته اسان ڀارتي عملدارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته محمد يا??ين ملڪ ک?? معياري طبي امداد فراهم ڪئي وڃي ۽ کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رک??دو.