رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ورلڊ ليگ جو مسلمانن جي مفادن ۽ مقصدن جي وڪالت ۽ ڀائيچاري، رواداري ۽ گڏيل احترام جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ غزه ۾ جاري تڪرار ۽ مسلمان دنيا کي درپيش مختلف چئلينجن دوران ڪردار اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان رياض ۾ مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ ملاقات ڪئي. وزيراعظم مسلم ورلڊ ليگ پاران سڄي دنيا ۾ اسلام جي حقيقي تشخص جي فروغ جي لاءِ نمايان ڪم کي ساراهيو. هن تنظيم جي ??م کي اڳتي وڌائڻ ۽ امت جي اتحادن جي فروغ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي قيادت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته مسلم ورلڊ ليگ جو مسلمانن جي مفادن ۽ مقصدن جي وڪالت ۽ ڀائيچاري، رواداري ۽ گڏيل احترام جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته مسلم ورلڊ ليگ جو غزه ۾ جاري تڪرار ۽ مسلم دنيا کي درپيش ٻين مختلف چئلينجن دوران ڪردار خاص طور تي اهم آهي. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل جي تازي پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته هو مختلف منص??بن ۽ قدمن جي جلد تڪميل جا منتظر آهن جن جي ٻنهي پاران منصوبابندي ڪئي وئي آهي. هن پاڪستان ?? سيرت ميوزيم قائم ڪرڻ جو خاص طور تي ذڪر ڪندي چيو ته اهو عظيم الشان منصوبو حضر?? محمد ﷺ جي زندگي ۽ تعليم جي مختلف رخن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته انهن منص??بن جي ذريعي مسلم ورلڊ ليگ نوجوان نسل جو ڌيان ڇڪرائي رهي آهي ۽ جديد ترين ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي ذريعي اسلام جي لازوال پيغام کي ڦهلائي رهي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي ايندڙ دوري ۾ جاري منص??بن جي رفتار ۽ تيزي سان عملدرآمد کي اڳتي وڌايو ويندو. مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان ?? مسلمان امت جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم جي عزم ۽ ڪوششن کي ساراهيو. هن سعودي عرب جي تازي ڪامياب دورن تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني.