لاهور-29 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪالهه ف??سط??ني عوام سان يڪجهتيءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد مظلوم ف??سط??نين تي اسرائيلي ڏاڍ ۽ ظلم کي دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ هو. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ ف??سط??نين سان يڪجهتيءَ جي اظهار ل??ءِ سيمينارز، تقريبون ۽ ريلين جو بندوبست ڪيو ويو. مقررن چيو ته مظلوم ف??سط??نين تي فسطائي قوتون جهڙيءَ طرح ظلم ڪري رهيون آهن، پوري پاڪستاني قوم ف??سط??ن سان يڪجهتيءَ جي اظهار ل??ءِ انهن سان گڏ آهي. مسلم اُمت کي اسرائيلي ڏاڍ روڪرائڻ لاءِ گڏجڻ جي ضرورت آهي. اسرائيلي دهشتگرديءَ سبب هاڻي تائين 42 هزار کان وڌيڪ ف??سط??ني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار شامل آهن. اسرائيلي فورسز غزه ۾ هزاري?? ٽَن ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو جڏهن ته اسرائيلي بمباريءَ سبب هڪ لک 50 هزار گهرن کي نقصان پهتو. مقررن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي ڏاڍ سبب غزه جي هٿين خالي عوام کي خوراڪ جي کوٽ کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اسرائيلي دهشتگردي سان سَوين ڊاڪٽر، صحافي ۽ وڪيل به شهيد ٿي چڪا آهن. هنن گڏيل قومن ۽ ٻين امن جي عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته ف??سط??ني عوام تي اسرائيلي ڏاڍ روڪرائڻ لاءِ نتيجو ڏيندڙ ڪارروائي ڪئي وڃي.