لاهور – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته هڪ پارٽي ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف ملڪ کي سياسي، سماجي ۽ سفارتي محاذ ?? ناقابل تلافي نقصان پهچايو، ح??وم??ي ڪوششن سا?? مهانگائي ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي، پي آءِ اي جو يورپي روٽ اوپن ٿيڻ سا?? مُلڪ کي فائدو ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ صوفي بزرگ حضرت ميان مير رحمت الله عليه جي درٻار تي فاتحه خواني ڪئي ۽ مزار تي چادر چاڙهي. ان موقعي تي صحافين سا?? غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي ح??وم?? ڏينهن رات عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هڪ پارٽي ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته ح??وم??ي ڪوششن سا?? مهانگائي ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي، پي آءِ اي جو يورپي روٽ اوپن ٿيڻ سا?? نه رڳو عوام کي ريليف ملندو پر ملڪي خزاني کي پڻ فائدو ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف پاران ملڪ کي سياسي، سماجي ۽ سفارتي محاذ ?? ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس ٽيم ملڪ کي ترقي طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڏي محنت سا?? ??م ڪري رهي آهي ۽ انهن ڪوششن سا?? پاڪستان جلد ئي هر ميدان ۾ پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪري وٺندو.