اسلام آباد– 17 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايشيا ۾ انٽر ايڪشن ۽ اعتمادسازي جي قدمن (سيڪا) جي ستين وزارتي اجلاس ۾ ورچوئل شرڪت ڪئي، اهو اجلاس سيڪا چيئر آذربائيجان جي ميزباني ۾ ٿيو. پرڏي??ي آفيس موجب اجلاس ۾ علائقائي تعاون وڌائڻ، امن کي فروغ ڏيڻ ۽ ايشيا ۾ پائي??ار ترقي کي اڳتي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. نائب وزيراعظم ايشيا ۾ گڏيل، جامع، تعاون تي ٻڌل ۽ پائي??ار سلامتي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سيڪا جي ويزن جي لا??ِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن خطي جي اهم چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سيڪا جي بي پناهه صلاحيت کي اجاگر ڪيو جن ۾ سياسي تڪرارن ۽ مقامي غربت شامل آهي جيڪي گڏيل ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. پاڪستان جي بيان جو هڪ اهم مرڪز اقتصادي انضمام ۽ پائي??ار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ علائقائي رابطن کي مضبوط بڻائي ٿو. نائب وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جهڙن رابطن جي قدمن جي اهم ڪر??ار تي زور ڏنو جنهن ۾ گڏيل ترقي کي فروغ ڏيڻ، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ سڄي ايشيا ۾ واپار ۽ توانائي جي رابطن کي وڌائڻ ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪيو ويو. هن چيو ته اهي منصوبا علائقائي اقتصادي تعاون ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم ڪر??ار ادا ڪري سگهن ٿا. بيان موجب پاڪستان سيڪا جو باني ميمبر آهي، ان گهڻ قومي فورم جو مقصد ايشيا ۾ امن، سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ پنهنجي 28 ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ اعتمادسازي کي وڌائڻ آهي.