اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ قائداعظم م??مد??لي جناح جو 148هون جنم ڏڻ انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ان موقعي تي مين اسٽيم ميڊيا، ريڊيو ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم حب الوطني جي گيتن سان گو??جي اُٿيا ۽ قومي گيتن، دستاويزي فلمن ۽ خاص پروگرامن ذريعي پاڪستان جي باني کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن جي قيام لاءِ قائداعظم جي غير متزلزل عزم کي ا??اگر ڪيو ويو. هي ڏينهن قائداعظم جي جدوجهد ۽ قربانين کي ي??د ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ان موقعي تي سرڪاري، غير سرڪاري، نجي، فلاحي ۽ تعليمي ا??ارن ۾ خاص تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو ۽ پاڪستان جي باني کي سندس خدمتن جي ا??تراف ۾ ڀرپور انداز ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو.