اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي 2 ڏينهن جي سرڪ??ري دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم اڄ اڱ??ري تي 2 ڏينهن (23 کان 24 آگسٽ) تي قطر جي دوري جي لاءِ اسلام آباد کان دوحه روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي قطر جو دورو ڪري رهيو آهي وزيراعظم جو قطر جو دورو پاڪستان ۽ قطر جي ٻن طرفن لاڳاپن، واپار، سيڙپڪ??ري ۽ علاقائي امن جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي تعاون جي فروغ لاءِ انتهائي اهميت جو حامل آهي. عهدو سنبهالڻ کان پوءِ وزيراعظم جي قطر جي پهرين دوري سان پاڪستان ۾ زراعت، قابل تجديد توانائي، هوابازي، انفرااسٽرڪچر، سياحت?? لائف اسٽاڪ، روزمره استعمال جي برآمدي صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ قطري سيڙپڪ??ري کي فروغ ملندو. قطر جي دوري دوران وزيراعظم قطر جي امير ۽ قطر جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندو.