اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديل?? واري مملڪتي وزير زرتاج گل چيو آهي ته ٻوڏ واري پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ”ريچارج پاڪستان“ منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان منصوبي تحت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موزون هنڌن تي وڏا تلاءُ تعمير ڪيا ويندا، جنهن سان زير زمين پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سان گڏوگڏ فصلن جي پوکي ل??ءِ به پاڻي ملي سگهندو، حڪومت موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي آلودگي تي ضاب??و آڻڻ ۽ عام ماڻهو جي زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ هيڊڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي پينل ??نٽرويو دوران ڪيو.